ڪورونا ڪهڙي بلڊ گروپ وارن لاءِ خطرو آهي؟ ماهرن نشاندهي ڪري ڇڏي

ڪهڙي بلڊ گروپ جا ماڻهو ڪورونا وائرس سان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ان حوالي سان سائنسدانن نشاندهي ڪري ڇڏي.
ناروي ۽ جرمني جي سائنسدانن هڪ مطالعي ذريعي اهو معلوم ڪري ورتو آهي ته رت جا مختلف گروپ رکندڙن ماڻهن لاءِ ڪورونا وائرس ڪيترو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ماهرن طرفان ڪيل هڪ تحقيق موجب رت جا ڪجهه گروپ رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪورونا وائرس جي صورت ۾ ساهه جي تڪليف وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
محققن 1610 اهڙن مريضن بابت طبي ڄاڻ گڏ ڪئي، جيڪي ڪووڊ 19 جي مرض ۾ مبتلا هئا، انهن مريضن جو علاج اسپين ۽ اٽلي جي اسپتالن ۾ ڪيو ويو.
طبي ڊيٽا جي تجزئي سان خبر پئي ته اي پازيٽو بلڊ گروپ رکندڙن کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي صورت ۾ ساهه جي تڪليف وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته او بلڊ گروپ وارا ان وائرس خلاف بهتر مدافعتي قوت رکن ٿا.
هوڏانهن چيني سائنسدانن طرفان ڪيل هڪ تحقيق موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻهن ۾ گهڻو انگ انهن جو هو، جن جي رت جو گروپ اي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔