عورت جي تذليل تي سجل علي جو حڪومت کان مطالبو

لاهور: اداڪارا سجل علي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارا حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته اهڙي درندن کي ڪڏهن مثالي سزا ڏني ويندي؟
تفصيل موجب انسٽاگرام تي سجل علي جو چوڻ هو ته ڇا اها ڇوڪري 400 مردن اڳيان اهڙي سُلوڪ جي حقدار هئي؟ اسان اهڙن ماڻهن کي جن ڇوڪري تي حملو ڪيو ۽ خاموش تماشائي بڻجي سڀ ڪجهه ڏسندا رهيا انهن کي ڪڏهن مثال سزا ڏيندا سين؟.
اداڪارا هڪ اسٽوري ۾ لکيو ته اتي مردن جو هڪ اهڙو سمنڊ هو جيڪو ان درندن کي سولائي سان روڪي سگهي پيو پر ائين نه ٿيو ۽ ”هڪ ۽ ڏينهن“ ”هڪ ۽ عورت“ جو نالو هيش ٽيگ بڻجي ويو جنهن کي هراسان ڪيو ويو. آخر اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ختم ٿيندو ۽ اسان ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهنداسين.
واضح رهي ته يوم آزادي جي موقعي تي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي ڇوڪري جا ڪپڙا ڦاڙڻ جو واقعو پيش آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔