نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو، اهو ئي ٿيو جنهن جو خوف هو

افغانستان جي تبديل ٿيل صورتحال سڄي دنيا ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ راندين جي سرگرمين تي به اثرانداز ٿي وئي.
افغانستان جي تخت گاهه ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽرن پاڪستان جي دوري بابت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سومر ڏينهن بنگلاديش پهچندي، جنهن کي اتي سيريز مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو رُخ ڪرڻو آهي پر مقامي ميڊيا موجب افغانستان ۾ طالبان حاوي ٿيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ جا رانديگر پاڪستان جي دوري جي حوالي سان خدشن جو شڪار آهن.
ڪرڪيٽ پليئرز ايسوسيئيشن جي سربراهه هيٿ ملز جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊيڪاسن صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان ايندو، موجوده حالتن ۾ رانديگرن جي سيڪيورٽي پهرين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔