ندي ۾ ٻڏندڙ عورت کي ٻِلي بچائي ورتو

لندن: برطانيا جي هڪ علائقي ڪورن ويل ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جتي ٻِلي وفاداري جو مثال قائم ڪندي پنهنجي ٻڏندڙ مالڪياڻي کي بچائي ورتو آهي.
ڪورن ويل ۾ هڪ پوڙهي عورت جڏهن گهر کان باهر نڪتي ته 70 فوٽ هيٺ هڪ چشمي ۾ ڪري پئي ۽ ٻڏڻ لڳي.
ان وقت عورت سان ان جي پالتو ٻلي به گڏ ۽ مالڪياڻي کي ڏسي ٻلي رڙيون ڪرڻ لڳي.
هوڏانهن عورت گهر مان نڪرڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ گذري وڃڻ تائين جڏهن واپس نه آئي ته انجي پاڙيسرن مددگار ادارن سان رابطو ڪيو ۽ پوليس فوري طور تي عورت جي گهر پهچي وئي.
پوليس پهچڻ سان ئي عورت کي ويجهي جاين تي ڳولڻ شروع ڪيو ان دوران اهلڪارن کي ٻِلي جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون جيڪي تيز هجڻ سان گڏ بي تابي وارو لهجي ۾ هيون جن کي ٻڌي پوليس فوري طور تي انهن رڙين ڏانهن رخ ڪيو.
جيئن اهلڪار پهتا ته انهن ڏٺو عورت ٻڏي رهي آهي ۽ انکي بچائڻ لاءِ بي وس ٻلي عجيب رڙيون ڪري رهي آهي ۽ پوليس عورت کي ندي مان ڪڍي هيلي ڪاپٽر ايمبولينس گهرائي فوري طور تي کيس اسپتال پڄايو.
اسپتال ۾ ترت علاج ڪندي 80 سالا ٻڌڙي عورت جي جان بچائي وئي آهي ۽ ان حوالي سان پوليس ”پيرن“ نالي ٻلي کي واقعي ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ ٻلي قرار ڏنو.
پوليس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻلي جا اهڙي انداز ۾ آواز نه ٻڌجن ها ته شايد عورت جي نشاندهي نه ٿئي ها ۽ عورت جي نشاندهي نه ٿئي ها ته افسوسناڪ نتيجو نڪري سگهي پيو.
پوليس سميت پاڙيسرين ۽ اسپتال انتظاميا ٻِلي جي احساس جي تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔