آمريڪي ۽ اتحادين جي نيڪالي ۾ طالبان سهڪار آهي: بائيڊن

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري ته ٿيڻي هئي، تنهن هوندي به آمريڪين ۽ اتحادين جي نيڪالي ۾ طالبان جو سهڪار حاصل آهي.
آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ جو بائيڊن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان جاري جنگ کانپوءِ افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري ته ٿيڻي هئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته بنا افراتفري جي نڪرڻ ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
جو بائيڊن چيو ته آمريڪين ۽ اتحادين جي نيڪالي ۾ طالبان جو سهڪار حاصل آهي ان جي باوجود به اتي ڪيترائي سفارتخانا بند ٿي ويا آهن، آمريڪي شهري به نڪري پهتا آهن پر جن اسان جي مدد ڪئي انهن کي اتان ڪڍڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته سمورن آمريڪين جي نيڪالي لاءِ آمريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به ڪابل ۾ رهي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔