ترڪي جو افغانستان جي حوالي سان وڏو اعلان

انقرا: ترڪي جي صدر طيب اردگان طالبان طرفان سٺن لاڳاپاپن ۽ امن امان واري بيانن کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.
ترڪ صدر پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته اقتدار ڪنهن وٽ به هجي، ترڪي افغانستان سان گڏ آهي.
رجب طيب اردگان چيو ته طالبان اڳواڻن سان ملڻ جي لاءِ تيار آهيون، ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان ڳالهائينداسين.
هن چيو ته ترڪي هن وقت به ڪابل ايئرپورٽ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهيون ڪيون پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔