ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ وڌيڪ ٽيويهه ڪروڙ پنجاهه لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ 23 ڪروڙ 50 لک ماليت جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قرض نيشنل هاءِ وي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ استعمال ٿيندو. منصوبي سان علائقائي ڪنيڪٽيويٽي ۽ حڪومتي آپريشنز سان گڏوگڏ نيشنل هاءِ وي نيٽ ورڪ جي مينٽي نيٽس کي مضبوط ڪيو ويندو. جڏهن ته شڪارپور کان راجن پور سيڪشن 222 ڪلو ميٽر روڊ جي توسيع تي خرچ ڪيا ويندا.اي ڊي بي موجب نيشنل هاءِ وي 55 سينٽر ايشيا ريجنل اڪنامڪ آپريشن(ڪيرڪ) ڪوريڊور فائيو جو اهم حصو آهي. اهو روڊ ڏکڻ پاڪستان، ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن کي اتر ۾ قومي عالمي اقتصادي سينٽرز سان ملائيندو آهي. منصوبي سان مصروف ترين هاءِ وي سيڪشن جي ٽرانسپورٽيشن جي صلاحيتن ۾ به اضافو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔