چيف جسٽس سنڌ خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي: اٽارني جنرل

اسلام آباد؛ اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد چيو آهي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي، چيف جسٽس پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو. اٽارني جنرل چيو ته حلف نه کڻڻ تي آئين جو آرٽيڪل 206 ريگيولر جج تي لاڳو ٿئي ٿو، ايڊهاڪ جج تي نه. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 206 تحت ، جيڪڏهن هڪ ريگيولر جج حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ته ان کي ريٽائرڊ سمجهيو ويندو آهي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ تي معذرت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔