ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان سبب رڪارڊ ٽٽڻ جو سلسلو برقرار آهي. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي، 600 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هينڊريڊ (100) انڊيڪس 1 لک 88 هزار 126 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو آهي.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هينڊريڊ انڊيڪس 2082 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 87 هزار 454 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.
تبصرے بند ہیں۔