سپريم ڪورٽ طرفان پيپلز پارٽي حڪومتي دور ۾ وفاقي ملازمن جي ڀرتين ۽ ترقين بابت ايڪٽ کي آئين جي ابتڙ قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ وفاقي ملازمن جي ڀرتين ۽ ترقين بابت ايڪٽ کي آئين جَي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو، وڪيل طارق اسد اعتراض واريو ته عدالت 20 مهينن بعد فيصلو ٻڌايو آهي، عدالتي نظام تي افسوس ٿي رهيو آهي، جسٽس سجاد علي شاهه وڪيل کي چيو ته اوهان تقرير وڃي ٻئي هنڌ ڪريو، جنهن تي وڪيل چيو ته تقرير نه پر حقيقت بيان ڪري رهيو آهيان، 20 مهينن کان منهنجا اصيل فيصلي جي انتظار ۾ مري ويا، عورتون بيواهه ٿي ويون، ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي، جسٽس قاضي محمد امين وڪيل کي ڊائس ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو، وڪيل چيو ته گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو پر عدالت جي احترام سبب وڃي رهيو آهيان، جنهن تي جسٽس قاضي محمد امين وڪيل کي چيو ته اوهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔