خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڄاڻايو ته نيب 4 جون تي خاطري ڪرائي هئي ته ٻن هفتن ۾ سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪيو ويندو، پر اڃا تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ 44 مان رڳو 5 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيا آهن، خورشيد شاهه نيب ريفرنس ۾ ٻن سالن کان گرفتار آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔