شرجيل ميمڻ کي عدالت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي پرڏيهه وڃڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن بعد عدالت شرجيل ميمڻ کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کان اجازت وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي. عدالت شرجيل ميمڻ کي 30 ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. شرجيل ميمڻ جي وڪيل چيو ته شرجيل ميمڻ جي ڌيءَ امريڪا ۾ پڙهي رهي آهي، ڌيءَ جي تعليم جي سلسلي ۾ کيس 30 ڏينهن لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ياد رهي ته شرجيل انعام ميمڻ خلاف ٻه ريفرنس احتساب عدالت ۾ التوا ۾ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔