فوج کي ٻيهر منظم ڪرڻ مک ترجيح آهي، وڌيڪ عدم استحڪام ۽ رتوڇاڻ کي روڪيو ويندو: اشرف غني

ڪابل: افغان صدر اشرف غني پنهنجي قوم کي مختصر خطاب دوران چيو ته فوج کي ٻيهر منظم ڪرڻ مک ترجيح آهي، افغانستان کي وڌيڪ عدم استحڪام. رتوڇاڻ ۽ لڏپلاڻ کان بچايو ويندو. خيال ڪيو پئي ويو ته هو قوم کي خطاب دوران عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندو پر هن ايئن نه ڪيو ۽ نه ئي طالبان پاران 18 صوبن جو ڪنٽرول سنڀالڻ بابت ڪو اکر ڳالهايو. اشرف غني چيو ته اسان حڪومت اندر هر فرد سان ۽ عالمي پارٽنرس سان مسلسل ڳالهين ۾ آهيون، رابطا جاري آهن ۽ جلد ئي نتيجا سامهون آندا ويندا. هن چيو ته مونکي خبر آهي ته توهان کي ڳڻتي آهي پر آئون بطور صدر توهان کي يقين ڏياران ٿو ته افغانستان ۾ وڌيڪ عدم استحڪام ۽ رتوڇاڻ کي روڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔