سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي/ اسلام آباد (نمائيندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۽ چئني صوبائي راڄڌنين ۾ آزادي جي سِج کي توپن جي سلامي ڏني وئي، ايوانِ صدر ۾ مرڪزي تقريب دورن صدر عارف علوي قومي جهنڊو ڦڙڪايو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري ۽ ميرپور خاص سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ مزارِ قائد ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزارن تي پُروقار تقريب دوران گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياسي، سماجي، سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريليون ڪڍي آزادي جي ڏهاڙي کي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، حيدرآباد ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو مريضن سان گڏ ملهائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال پهچي ويو ، اسپتال جي ايڊمن عبدالستار جتوئي سان گڏجي ڊي سي فواد غفار سومرو مختلف وارڊن م پهچي علاج سانگي داخل مريضن توڙي تيماردارن ۾ مٺائي تقسيم ڪئي، جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو ريليون ڪڍڻ جو سلسلو به جاري آهي، هوڏانهن ميرپورخاص ۾ به جشن آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جزبي سان ملھايو پيو وڃي جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ڪمشنر آفيس آڏو منقد ڪئي وئي، تقريب جو آغاز پرچم ڪشائي سان ڪيو ويو جنهن بعد ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعائون گھريون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔