لورالائي ويجهو ايف سي جي گاڏي تي حملو، اهلڪار شهيد، 2 زخمي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي؛ بلوچستان جي علائقي لورالائي ويجهو ايف سي جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ميجر سوڌو ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب لورلائي ويجهو دهشتگردن ايف سي جي گاڏي تي حملو ڪيو، دهشتگرد حملي ۾ نائيڪ شريف شهيد جڏهن ته ميجر قاسم ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب جوانن طرفان فوري طور ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ايف سي اهلڪارن کي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔