ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ٽيم مورگن جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ايندي

لاهور: پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ جي سلسلي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪيويز کانپوءِ گورن به پاڪستان جي دوري جي حامي ڀري ورتي آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شامل انگلينڊ جي ٽيم آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندي، ان دوران مهمان ٽيم راولپنڊي ۾ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.
ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ميچ 13، جڏهن ته ٻي ميچ 14 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.
انگلينڊ جي مردن سان گڏ عورتن جي ٽيم به پاڪستان جي دوري تي اچڻ لاءِ تيار آهي، ٻئي ٽيمون ترتيب وار اين مورگن ۽ هيٿر نائيٽ جي قيادت ۾ 9 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچنديون.
انگلينڊ جي مينز ٽيم 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد کان دبئي لاءِ رواني ٿيندي، جتي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏيو ويندو.
واضح رهي ته اهو انگلينڊ مينز ٽيم جو 2005 کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو هوندو ۽ دوري سان ٻنهي ٽيمن کي ورلڊ ڪپ جي تياري جي سلسلي ۾ مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔