فيس بُڪ استعمال ڪندڙن لاءِ خطري جي گهنٽي

ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ روز ايندڙ نيون تحقيقون ماڻهن کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ڪري رهيون آهن.
گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي ڪورونا جي حوالي سان ڪوڙيون خبرون به ماڻهن جي مٿي جو سور بڻيل آهن، ڇو ته واهپيدارن جو وڏو انگ بنا ڪنهن تصديق جي ڪورونا بابت خبرون شيئر ڪري رهيو آهي.
ڪورونا وائرس جي حوالي سان غير تصديقي مواد سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شيئر ڪرڻ جي حوالي سان صحت جي عالمي اداري اڳ ئي گائيڊ لائنز جاري ڪيون هيون.
انهن گائيڊ لائنز کي نظر ۾ رکندي گذريل مهيني فيس بُڪ طرفان سڄي دنيا ۾ 65 فيس بُڪ ۽ فوٽو شيئر ايپ انسٽاگرام تي 243 اڪائونٽ ڊليٽ ڪيا ويا آهن.
ان حوالي سان فيس بُڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن جا اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن، جن تصديق بنا ڪورونا وائرس جي حوالي سان خبرون شيئر ڪيون هيون.
واضح رهي ته فيس بُڪ انتظاميا طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا واهپيدار محتاط رهن ۽ تحقيق کانپوءِ ئي ڪجهه شيئر ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔