طالبان جي ڪارروائين ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ، ڪابل جي ويجهو پهچي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان جي ڪارروائين اڳيان حڪومت مڪمل طور بي وس ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ شهر ان جي ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب صوبي اوزگان جو تخت گاهه ترين ڪوٽ، صوبي لوگر جو تخت گاهه پل علم ۽ صوبي زابل جو تخت گاهه قلات به طالبان جي ڪنٽرول ۾ هليا ويا آهن.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هيل تائين طالبان افغانستان جي 34 مان 18 صوبن جي تخت گاهن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
ميڊيا موجب طالبان افغان صدر اشرف غني جي اباڻي صوبي لوگر جي تخت گاهه پل علم جو ڪنٽرول وٺڻ کانپوءِ گورنر ۽ شهري ڳجهي ايجنسي جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته لوگر ۾ افغان فورسز 12 ڪلاڪن تائين مقابلو ڪيو پر نيٺ ان طالبان سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
صوبو لوگر افغان تخت گاهه ڪابل کان 80 ڪلو ميٽر پري آهي ۽ ائين طالبان ملڪي تخت گاهه جي به ويجهو پهچي چڪا آهن.
ان کان اڳ طالبان هيرات ۽ قنڌار سان گڏوگڏ هلمند صوبي جي تخت گاهه لشڪر گاهه تي به قبضي جي دعويٰ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔