فيفا ورلڊ ڪپ: ناروي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

ڊلاس: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ناروي آئيوري ڪوسٽ کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.ايرلنگ هالنڊ پاران آخري لمحن ۾ ڪيل فيصلي ڪن گول جي بدولت ناروي آئيوري ڪوسٽ کي 1-2 تان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 16 ۾ جڳهه ٺاهي ورتي.ميچ جي 39 هين منٽ ۾ انتونيو نوسا ناروي کي برتري ڏياري، جڏهن ته 74 هين منٽ ۾ عماد ديالو متبادل رانديگر جي طور تي ميدان ۾ اچي گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.فيصلي ڪن لمحو 86 هين منٽ ۾ آيو جڏهن ايرلنگ هالنڊ گول ڪري ناروي کي ٻيهر برتري ڏياري. هي هالنڊ جو ٽورنامينٽ ۾ پنجون گول هو. راند ناروي جي 1-2 جي برتري تي ختم ٿي، جنهن سان گڏ ئي ناروي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.

تبصرے بند ہیں۔