’ٽيم هارائي وئي پر اسانکي دنيا ۾ سڃاڻپ ملي وئي: جيمس ميڪ فيڊن

ميامي: ڪيپ ورڊي شايد 2026ع جي فٽبال عالمي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ٻيو ننڍو ملڪ هو، پر هن ٽورنامينٽ تي هن پنهنجو وڏو نقش ضرور ڇڏيو
ليونل ميسي، ايمباپي، ڪرسٽيانو رونالڊو، ارلنگ هالينڊ ۽ هيري ڪين کي وساري ڇڏيو، ڇو ته سڀني جي توجهه عالمي ڪپ ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺندڙ ڪيپ ورڊي جي ٽيم تي کتل آهي.
اسپين خلاف پنهنجي پهرين عالمي ڪپ پوائنٽ حاصل ڪرڻ ۾ گول ڪيپر ووزينيا جي شاندار ڪارڪردگي يادگار رهي.
يورگوئي خلاف عالمي ڪپ ۾ پنهنجي تاريخ جو پهريون گول ڪري ٽيم مداحن کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو.
۽ پوءِ سڊني لوپس ڪابرال جو حيرت انگيز گول، جنهن جي بدولت ڪيپ ورڊي تقريباً ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو اپ سيٽ ڪرڻ وارو هو.
ڪيپ ورڊي جو عالمي ڪپ جو سفر هر جذبي سان ڀرپور رهيو.
جمعي جي رات ميامي ۾ جڏهن اضافي وقت ختم ٿيڻ جي آخري سيٽي وڳي، ته آخري 32 جي مرحلي ۾ دفاعي چيمپئن ارجنٽينا هٿان 3-2 تان دل ڏاريندڙ شڪست کان پوءِ بلو شارڪس جي رانديگرن مايوسي ۾ ميدان تي ويهي رهيا، پر هو آمريڪا مان اهو احساس کڻي واپس ويندا ته هنن دنيا جي بيشمار ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن.
اسڪاٽلينڊ جي اڳوڻي عالمي رانديگر جيمس ميڪ فيڊن بي بي سي ريڊيو 5 لائيو تي چيو: “ڪيپ ورڊي ميچ ته هارائي آهي، پر اصل ۾ دنيا جون دليون کٽي وئي آهي.
هنن همت، اتحاد، گڏيل جذبي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي اڻٽٽ يقين جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي. هن ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي ڪهاڻي ڪيپ ورڊي آهي. فٽبال ٽيم ۾ ماڻهو اهڙو ئي جذبو ڏسڻ چاهين ٿا.”
ٽورنامينٽ ۾ اچڻ وقت ڪيپ ورڊي جي عالمي رينڪنگ 67هين هئي، پر گروپ مرحلي ۾ ٽن لڳاتار برابرين، جن ۾ افتتاحي ميچ ۾ يورپي چيمپئن اسپين کي 0-0 تان روڪڻ به شامل هو، هن ٽيم کي اهو وڏو موقعو ڏنو ته هو عالمي ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏن اپ سيٽن مان هڪ ڪري ڏيکاري.
ارجنٽينا جي پهرين ميسي گول ڪري برتري حاصل ڪئي، پر ڪيپ ورڊي هڪ-هڪ جي برابري آڻي ميچ کي اضافي وقت تائين پهچايو. اضافي وقت ۾ به هو ٻيهر پوئتي پئجي ويا، پر ڪابرال جي شاندار شاٽ ٻيهر اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.
بهرحال قسمت سندن ساٿ نه ڏنو، جڏهن ڪرسٽين روميرو جي هيڊر ڊائني بورجس سان ٽڪرائجي رخ بدلائي گول ۾ هليو ويو، جنهن ارجنٽينا کي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
انگلينڊ جي اڳوڻي رائيٽ بيڪ گيري نيويل آئي ٽي وي تي چيو ته هي سندس نظر ۾ ڪنهن به گهٽ پسنديده ٽيم جي “تاريخ جي بهترين ڪارڪردگين مان هڪ” هئي.
هن وڌيڪ چيو: “اهي روئي رهيا آهن، ڇو ته هو گهر واپس وڃي رهيا آهن. هو گهر وڃڻ نٿا چاهين. هو سڄي عمر هتي رهڻ چاهين ٿا. هنن مان ڪيترن رانديگرن لاءِ شايد اهڙو موقعو ٻيهر ڪڏهن به نه اچي. اهو منظر هڪ طرف جادوئي آهي، ته ٻئي طرف ڏکوئيندڙ پڻ.”
“هاڻي ڪو به نٿو پڇي ته ڪيپ ورڊي دنيا جي نقشي ۾ ڪٿي آهي”
شڪست باوجود، ڪيپ ورڊي جي ڪوچ بوبسٽا کي پنهنجي ٽيم تي بيحد فخر هو، ڇو ته سندس ٽيم عالمي چيمپئن ارجنٽينا کان رڳو ڏهه منٽ پري هئي، جتان ميچ پينالٽي شوٽ آئوٽ تائين وڃي سگهي پئي.
هن چيو: “اسان ثابت ڪيو ته ڀلي اسان ننڍو ملڪ آهيون، پر دنيا جي بهترين ٽيمن سان مقابلو ڪري سگهون ٿا. اها اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. اسان پنهنجي ملڪ لاءِ تاريخ رقم ڪئي آهي. اسان جا ماڻهو اسان تي فخر ڪري سگهن ٿا.
عالمي چيمپئن خلاف اهڙي ريت کيڏڻ ۽ ٻه ڀيرا اسڪور برابر ڪرڻ واقعي حيرت انگيز ڪارنامو آهي.”
آئرلينڊ جي ڪلب شيمروڪ روورز سان لاڳاپيل سينٽر بيڪ روبرٽو ‘پيڪو’ لوپس، جنهن عالمي ڪپ ۾ ڪيپ ورڊي جون چارئي ميچون کيڏيون، بي بي سي اسپورٽ کي ٻڌايو: “هن عالمي ڪپ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي ته هاڻي ڪو به اهو نٿو پڇي ته ڪيپ ورڊي دنيا جي نقشي ۾ ڪٿي آهي. اهو ئي اسان لاءِ تاريخ آهي. اسان دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي آهي.
اسين ننڍڙو ملڪ آهيون، پر اسان جون دليون وڏيون آهن. اسان ڏيکاريو ته جيڪڏهن يقين هجي ته هر شيءِ ممڪن آهي.”
ٽورنامينٽ کان اڳ عالمي ڪپ کي 48 ٽيمن تائين وڌائڻ تي گهڻو بحث ٿي رهيو هو، پر گيري نيويل چيو: “هاڻي مان وري ڪڏهن به هن فيصلي تي شڪ نه ڪندس.”
انگلينڊ جي اڳوڻي اسٽرائيڪر اين رائيٽ به آئي ٽي وي تي فيفا کي اپيل ڪئي ته دنيا ۾ وڌيڪ “ڪيپ ورڊي جهڙا لمحا” پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري. هن چيو: “اسان چاهيون ٿا ته اهڙا منظر دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڏسڻ لاءِ ملن، ۽ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته فيفا کي جيڪي فنڊ ملن ٿا، اهي واقعي سڀني ملڪن تائين پهچن.
هي ٽورنامينٽ ثابت ڪري ٿو ته جيڪڏهن ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي، ته هو ڀلي ڪيترا به ننڍا هجن، دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيج تي پهچي سگهن ٿا ۽ عالمي چيمپئنن توڙي دنيا جي عظيم ترين رانديگرن سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. هي سندن طرفان بي مثال ۽ بهادراڻو ڪارنامو هو.”

تبصرے بند ہیں۔