نامياري لوڪ ۽ صوفي گلوڪار علڻ فقير جي اڄ ورسي،خراج پيش

ڪراچي:  پاڪستان جي نامياري لوڪ ۽ صوفي گلوڪار علن فقير جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي. سنڌ جي ڌرتيءَ تان اڀرندڙ هيءَ آواز صرف هڪ گلوڪار جي نه هئي پر امن، محبت ۽ تصوف جو سچو پڙاڏو هئي، علن فقير شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ کي ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو.محمد علي شهڪي سان گڏ سندن ڳايل نغمو ”تيري عشق ۾ جو ڀي ڊوب گيا“ اڄ به ماڻهن جي زبانن تي عام آهي. حڪومتِ پاڪستان پاران صدارتي تمغو برائي حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمنس) ماڻيندڙ هي درويش صفت فنڪار 4 جولاءِ 2000ع تي اسان کان وڇڙي ويو هو پر سندن يڪتارو ۽ سندن تانون اڄ به زنده آهن.

تبصرے بند ہیں۔