ايڪسپو سينٽر تان جعلي ويڪسينيشن ڪارڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي : پاڪستان جي سڀ کان وڏي ويڪسينيشن سينٽر ايڪسپو سينٽر تان ويڪسينيشن جا ڪوڙا ڪارڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس ڳري رقم عيوض ڪوڙا ويڪسينيشن ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ ٻه ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس شهري جي نشاندهي تي ايڪسپو سينٽر ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي ويڪسينيشن ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتوگرفتار ڪيل جوابدار ايڪسپو سينٽر جا سئيپر آهن، جوابدارن جا نالا شهباز ۽ اختر علي ٻڌايا پيا وڃن.
پوليس موجب جوابدارن کي گرفتار ڪري جوابدارن وٽان 36 سڃاڻپ ڪارڊ ۽ 4ڪوڙا ويڪسينيشن ڪارڊ ۽ هڪ لک رپيو رقم هٿ ڪري ورتي آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن ماڻهن کي پيسن عيوض جعلي ويڪسينيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب نادرا کي هٿ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جي ويڪسين اينٽري رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔