ايران جي آمريڪي ڊرون تي تنبيهي فائرنگ

تهران: ايران ۽ اولهه وچ ۾ جوهري سمجهوتي جي بحالي واري معاملي تي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ ان حوالي سان سمجهوتي جي بحالي لاءِ ويانا ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ناهن ٿي سگهيون.
ان حوالي سان ايران جي هوائي دفاعي نظام طرفان آبنائي هُرمز ويجهو آمريڪي فوج جي ڊرون جنرل ايٽمڪس ايم ڪيو-9 ريپر تي تنبيهي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.
ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري خميس ڏهاڙي ان واقعي جي حوالي سان اطلاع ڏنو آهي ان جا وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.
گذريل ٻن اڍائي سالن کان آبنائي هرمز ۽ بحيره عرب ۾ لاتعداد واپاري ۽ تيل جي غيرملڪي جهازن تي حملا ڪيا ويا آهن، آمريڪا ايران تي انهن حملن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔