ڊيلٽا وائرس جي روڪڻ لاءِ چين ۾ وڏو تجربو

بيجنگ: دنيا ۾ ڪورونا جو بدلجندڙ حالتون خطرناڪ حدن تائين پهچڻ سبب پريشانين جو سبب بڻيل آهن، جنهن ڪري مختلف ڪمپنين طرفان تيار ڪيل ويڪسينز ۽ انهن جي ڊوزن جي حوالي سان نيون نيون تحقيقون ڪرڻ ڪيون وڃن پيون.
ان ڏس ۾ چين ڊرگ ريگيوليٽري ملڪ جي پهرين مڪسڊ ويڪسين جي تجربي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
فرانس جي خابرو ايجنسي اي ايف پي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم ڊيلٽا جي تيزي سان ڦهلجڻ مقامي سطح تي تيار ڪيل ويڪسين جي افاديت جي حوالي سان ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
هن بيان ۾ چيو ويو ته اهڙي آزمائش چين جي سائنو ويڪ جي تيار ٿيل ”غير فعال“ ويڪسين کي ڊي اين اي تي ٻڌل آمريڪي دوائن واري ڪمپني انويو سان ڳنڍڻ جي افاديت جي جاچ ڪندي.
مڪسڊ ويڪسين جي تجربي ۾ چين جي تيار ڪيل ”غير فعال“ ويڪسين سائنو ويڪ کي آمريڪي دوائن جي ڪمپني ان اوويو جي تيار ڪيل ڊي اين اي تي ٻڌل ويڪسين کي ملائي ان جي افاديت ڏٺي ويندي.
اهڙو بيان آمريڪي دوائن واري ڪمپني جي چين ۾ شرڪت ڪندڙ ڪمپني ايڊ ويڪسين بائيوفارموڪيوٽڪلز سوڊو طرفان جاري ٿيو آهي.
ايڊ ويڪسين جي چيئرمين وانگ بن بيان ۾ چيو آهي ته شروعاتي تحقيق مان خبر پئي آهي ته ٻه مختلف ويڪسينز هڪ وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور مدافعتي ردعل پيدا ڪنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔