5 ارب رپين جي ٽيڪس رعايت، ايف بي آر تي ٻٽي معيار جو الزام

اسلام آباد : چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو چيو آهي ته ٽيڪسن جي حوالي سان ٽيڪس ڏيندڙن يا نه ڏيندڙن جا تفصيل ٻڌائڻ قانوني ڀڃڪڙيون آهن.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ ٿي گذريو، ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام جي سينيٽر طلحا محمود چيو ته فوڊ انڊسٽري جي نالي تي مينوفيڪچرر جي طور تي شيون گهرايون ويون ۽ کائڻ پيئڻ جي 5 شين جو خالي مال گهرائي ٽيڪس ۾ رعايت ورتي وئي، جنهن ۾ 5 ارب رپين جي ٽيڪس شامل آهي.
ان موقعي تي چيئرمين ايف بي آر ٽيڪس چوري ۾ملوث شخص جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته قانون موجب ٽيڪس ڏيندڙ جو نالو ظاهر نٿا ڪري سگهون.
مسلم ليگ ن جي اياز صادق چيو ته پوءِ توهان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٽيڪس جا تفصيل ڪهڙي قانون جي تحت ظاهر ڪيا؟
حڪومتي ميمبر نور عالم خان جو چوڻ هو ته چيئرمين ايف بي آر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ جو پابند ناهي، هڪ ڪلاڪ کان ٽيڪس نه ڏيندڙ جو نالو پڇان پيو پر نه پيو ٻڌايو وڃي، توهان ڪمپني اٿارٽي تي سوال نٿا اٿاري سگهون اها زيادتي آهي.
چيئرمين ايف بي آر جواب ڏنو ته اسان سڌيءَ ريت ٽيڪس ڏيندڙ سان رابطو نٿا ڪري سگهون، 30 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي.
ڪميٽي جي ميمبرن ڪيس قومي احتساب بيورو(نيب) کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔