پيار يا چريائپ؟ همراهه گهرواري لاءِ گهر ساڙي ڇڏيو

زال ۽ مڙس جو پيار فطري هوندو آهي، اڪثر شادي شده جوڙا هڪٻئي سان بي مثال پيار ڪندي زندگي ڀرپور نموني گذاريندا رهندا آهن.
تنهن هوندي به رائيونڊ ۾ مڙس جو زال سان پيار حد کان وڌيڪ ئي چئي سگهجي ٿو جنهن گهرواري جي پيار جو اظهار گهر کي باهه ڏئي ڪيو آهي.
هڪ جنوني حد تائين پيار ڪندڙ مڙس گهرواري جي پيڪن مان واپس نه اچڻ تي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاوڙيل گهرواري پنهنجي پيڪن کان واپس نه اچڻ تي مڙس گهر کي تالو هڻي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻن ڌيئرن جي ڏاج سميت گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي خاڪ بڻجي ويو.
واقعي تي باهه وسائڻ لاءِ فائربرگيڊ کي گهرايو ويو، پوليس موجب ته جوابدار نشي جو عادي آهي، هن جو سندس گهرواري سان جهيڙو ٿيو ته هوءَ گهر ڇڏي مڙس جي ساهرن ڏانهن هلي وئي، ماءُ پيءُ جي گهران گهرواري جي واپس نه اچڻ تي مڙس گهر کي ئي باهه ڏئي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔