واٽس ايپ سڀ کان وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

واٽس ايپ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ آهي جنهن جي واهپيدارن جو انگ 2 اربن کان مٿي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪمپني طرفان مسلسل انجي نون فيچرز تي ڪم هلندو رهندو آهي.
پر فيس جي مالڪي هيٺ هن ايپ ۾ هن وقت تائين هڪ خامي هئي ۽ اُها اِها ته جيڪڏهن اينڊرائيٽ واهپيدار آءِ او ايس يا آئي فون استعمال ڪرڻ شروع ڪن ته اهي پنهنجي واٽس ايپ چيٽنگ ۾ ٽرانسفر نه پيا ڪري سگهن.
پر هاڻي واٽس ايپ آخرڪار چيٽ هسٽري جي ان وڏي مسئلي جي حل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سام سنگ گيليڪسي ان پيڪڊ ايونٽ جي موقعي تي واٽس ايپ طرفان اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز وچ ۾ واٽس ايچ چيٽ هسٽري منتقل ڪرڻ جو آپشن متعارف ڪرايو آهي.
شروعاتي طور اها سهولت اينڊرائيڊ فونز تي موجود هوندي جنهن جي شروعات سام سنگ جي اينڊرائيڊ 10 يا نئين آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ فونز سا ٿيندو.
پر انکانپوءِ هي ٽول اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس تي ڪم ڪندڙ سمورن فونن لاءِ به موجود هوندو.
واٽس ايپ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ ميسيجر فوٽن ۽ وائيس ميموز سان گڏ هڪ کان ٻئي آپريٽنگ سسٽم تي منتقل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو ٽول ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ئي واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.
ڪمپني ٻڌايو ته ان ٽول تي عمل ڏاڍو ڏکيو هو ڇو ته سمورا ميسيج اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽٽڊ ۽ ڊيوائيس ۾ محفوظ هوندا آهن.
ان ڊيٽا جي منتقلي جي لاءِ واٽس ايپ، او ايس ڊويلپرز ۽ فون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي واڌو ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي.
سولي لفظن ۾ چئجي ته اهو ٽول سڀني جي گڏيل ڪوششن جو ئي نتيجو آهي.
واٽس طرفان ان ٽول جي آزمائش ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ هئي ۽ هاڻي وڃي ان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
اهو ٽول واهپيدارن جي لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو ڇو ته اهي مختلف ڊوائيسز ۽ پليٽ فارمز تي پنهنجي اصل اڪائونٽ تي سموري ڊيٽا سميت استعمال ڪري سگهن ٿا.
اهو نئون فيچر ملٽي ڊيوائس سپورٽ جي لاءِ به لاڀ ڏيندڙ هوندو ڇو ته ان چيٽ مائيگريشن ٽول کان واهپيدار کي هڪ اڪائونٽ جي تحت ڪيترن ئي ڊوائيسز کي ڳنڍڻ جي سهولت ملي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔