افغانستان تي قبضو، آمريڪا رتوڇاڻ جو حامي، طالبان سان ڳجهي ڊيل وائکي

افغان معاملي تي هڪ پاسي طالبان جي ڪارروائين اڳيان بي وس ٿي حڪومت طرفان کين جنگ جي خاتمي لاءِ اقتدار ۾ شريڪ بڻائڻ جي آڇ جي دعويٰ سامهون آئي آهي ته ٻئي پاسي آمريڪي صدر به واضح طور چئي چڪو آهي ته افغانستان ۾ جنگ جي معاملي تي افغانين کي پنهنجي لاءِ پاڻ ئي وڙهڻو پوندو.
جو بائيڊ پنهنجي بيان ۾ افغانستان مان آمريڪي قيادت ۾ نيٽو فورسز جي نڪرڻ جي فيصلي جو به بچاءُ ڪيو هو ۽ چيو هو ته افغان فوج انگ ۾ طالبان کان گهڻي وڌيڪ آهي پر ان کي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.
افغانستان ۾ طالبان جي وڌندڙ اڳڀرائي تي جتي دنيا اڳ ئي حيران آهي، اتي ئي وري آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳجهي ڊيل ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
آمريڪي سي آءِ اي جي هڪ رڪن طالبان سان آمريڪا جي طئي ٿيندڙ ان ڳجهي سمجهوتي تان پردو کڻندي چيو آهي ته طالبان افغانستان ۾ آمريڪي ڏوهن جي سلسلي ۾ هيگ جي عالمي عدالت سان رابطو نه ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب رابرٽ رايان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته افغانستان ۾ جنگ ۾ ايندڙ شدت مڪمل طور تي آمريڪا جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڻ وائيٽ هائوس جو هڪ مقصد به اهو ئي آهي ته عالمي برادري، افغان عوام ۽ عدالت کي افغانستان ۾ ٿيندڙ ڏوهن کان گمراهه رکي.
آمريڪا 2020 ۾ انصاف جي عالمي عدالت جي وڪيل جو به بائيڪاٽ ڪيو هو، ان وقت آمريڪا جي پرڏيهي وزير افغانستان ۾ آمريڪي ڏوهن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ عدالتي ڪارروائي تي ردعمل جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو هو ته آمريڪا ان عدالت طرفان آمريڪي شهرين جو پيڇو ڪرڻ جي ناجائز ڪارروائي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو.
افغانستان ۾ آمريڪي ڏوهه، جن ۾ شهرين جي لاشن کي چٿڻ، پوءِ انهن سان فوٽو ڪڍرائڻ، ڳجهيون جيلون قائم ڪرڻ، شادي تقريبن تي حملا، غير انساني وسيلن جو استعمال، ماڻهن کي کنڀي انهن جا بيان وٺڻ ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪرائڻ جهڙا ڏوهه شامل آهن، تي پردو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔