ماهرن ڪورونا جو علاج ڳولي ورتو، وڏي دعويٰ

واشنگٽن : آمريڪي سائنسدانن ڪورونا جو علاج ڳولڻ جي وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي.
ڪيليفورنيا ۾ اسڪرپس ريسرچ ۾ وَرم انسٽيٽيوٽ فار ريسچر اينڊ ميڊيسن جي پروفيسر ڪِم جانڊا ۽ جونيئر پروفيسر ايلي ڪيلاوي اهڙي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽيپ ورم کي ٺيڪ ڪندڙ دوا سان ڪووڊ 19 کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب پيٽ جي ڪيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ دوا سان ڪورونا وائرس انفڪيشن جو علاج ممڪن آهي.
ان ڳالهه جو انڪشاف هڪ نئين اسٽڊي ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ سائنسدانن چيو آهي ته ٽيپ ورڪ (پيٽ جي ڪيڙي) جي دوا ۾ اهڙو مجموعو آهي، جيڪو ڪووڊ 19 کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
سندن چوڻ آهي ته ٽيپ وَرم جي دوا ۾ سيلي سائلينيڊلس ڪلاس جو هڪ ڪيميڪل هوندو آهي، جيڪو ڪورونا کي روڪڻ ۾ فائديمند آهي.
ڪِم جانڊا موجب گذريل 10، 15 سالن ۾ اها ڳالهه پختي هئي ته سيلي سائلينلڊس الڳ الڳ قسم جي وائرس خلاف سرگرمي سان ڪم ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔