فيسبڪ ڪيترائي اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا،واهپيدارن کي به وارننگ

دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ مشهور پليٽ فارم فيس بڪ واهپيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي.
فيس بڪ ڪورونا بابت غلط ڄاڻ پکيڙيندڙ ڪيترائي اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل مهيني ويڪسين بابت غلط خبرون پکيڙيندڙ 65 فيس بڪ ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي 243 اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيو.
فيسبڪ گلوبل ٿريٽ انٽيليجنس جي سربراهه صحافين کي ٻڌايو ته آپريشن جو ٽارگيٽ ڀارت ۽ لاطيني آمريڪا جا ملڪ هئا.
فيسبڪ انٽيليجنس جي سربراهه موجب ڊليٽ ڪيل اڪائونٽس تان سواءِ ڪنهن جي مواد شيئر ڪيو ويندو هو.
انٽيليجنس سربراهه جو چوڻ هو ته ڊليٽ ڪيل اڪائونٽس ذريعي فيسبڪ خبردار ڪيو آهي ته هو مواد بابت محتاط رهن ۽ تحقيق کان پوءِ ئي ڪجهه شيئر ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔