ڊالر جي مٿانهين اڏام

ڪراچي: ڊالر جي مٿانهين اڏام، هڪ رپيو واڌ سان ٻيهر پوڻا165رپين تي پهتو، سون 1600 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي سميت سنڌ جون صرافه بازارون 10 ڏينهن جي ڊگهي لاڪ ڊائون کانپو ءِ کلي ويون، ڪالهه سون 1600 رپين جي لاٿ سان 110100 مان 108500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 20 رپيا گهٽتائي سان 1540 مان 1520 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو واڌ سان 163.8 مان 164.8 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 3 رپيا اضافي سان 226 مان 229 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن يورو هڪ رپيو اضافي سان 193.5 مان 194.5 رپيا ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔