افغانستان تباهه ملڪ آهي، عوام غريب، سياستدان ۽ جرنل ارب پتي آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري افغانستان جي صورتحال ۽ اشرف غني طرفان آرمي چيف جي معطلي جي حوالي سان هڪ سوال اٿاريو آهي.فواد چوڌري چيو آهي ته ايترو پئسو خرچ ڪرڻ جي باوجود افغان فوج جا پَتا اهڙي نموني ڇو وکري رهيا آهن؟.هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته طالبان جي اٺين صوبي تي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي هاڻوڪي حڪمرانن جي اڳيان سوال اٿارڻ گهرجي ته آخرڪار افغانستان کي ملندڙ 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳِهي ويو.وفاقي وزير سوال اٿاريندي چيو ته آخر ايڏو وڏو پئسو خرچ ٿيڻ جي باوجود به افغان فوج ڪَڻو ڪَڻو ٿي ڇو ڇڙ وڇڙ ٿي رهي آهي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔