هيڪر دنيا جي سڀ کان وڏي چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب

برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب بلاڪ چين سائٽ پولي نيٽ ورڪ ٻڌايو آهي ته هيڪرن سسٽم ۾ موجود هڪ ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي ايٿر جا هزارين ڊجيٽل ٽوڪن چورائي ورتا آهن.
هيڪرن رڪارڊ 98 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪرپٽو ڪرنسي چوري ڪري ڪئي آهي.
ڪمپني طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيڪرز نالي خط جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته چوري ٿيل ايٿيريم واپس ڪيو وڃي.
خط ۾ هيڪرن کي چيو ويو آهي ته جيتري ماليت جي ڪرپٽو ڪرنسي چوري ڪئي وئي آهي اهڙي چوري تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته لاڳاپيل ملڪن جو قانون ساز ادارا ان کي معاشي ڏوهه قرار ڏئي اوهان جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔