انسان نما روبوٽن جي جنگ، بي واءِ ڊي به ميدان تي لهي پئي

ڪراچي: ٽيسلا جي سڀ کان وڏي برقي گاڏين (اِي وي) واري حريف ڪمپني بي واءِ ڊي ڏکڻ چائنا مارننگ پوسٽ کي ٻڌايو آهي ته اها آگسٽ ۾ پنهنجي Di Space شو روم ۾ هيومنائيڊ (انساني شڪل وارا) روبوٽ پيش ڪندي.
“Build Your Dreams” (BYD) نالي سان مشهور هي ڪمپني، جيڪا شروعات ۾ صرف بيٽريون ٺاهيندي هئي، اڄ دنيا جي سڀ کان وڏين اليڪٽرڪ گاڏين ۽ صاف توانائي واري ٽيڪنالاجي ڪمپنين مان هڪ بڻجي چڪي آهي.
ڪارن کان وٺي بسن، ٽرڪن ۽ ايس يو ويز تائين، BYD نه رڳو گاڏيون تيار ڪري ٿي، پر بيٽريون، سيمي ڪنڊڪٽر ۽ ٻيا اهم پرزا پڻ پاڻ ٺاهي ٿي، جنهن سبب اها پنهنجي ضرورتن جو وڏو حصو اندروني طور تي پورو ڪندي عالمي مارڪيٽ تي مضبوط گرفت رکي ٿي.
جتي ٽيسلا پنهنجو ڌيان سافٽ ويئر ۽ خودڪار ڊرائيونگ تي ڏنو آهي، اتي BYD پيداوار جي وڏي پيماني، بيٽري ٽيڪنالاجي ۽ گاڏين جي وسيع رينج تي ڌيان ڏنو آهي. هاڻي ڪمپني ٽيسلا جي Optimus روبوٽ کي مقابلو ڏيڻ لاءِ هيومنائيڊ روبوٽ پڻ متعارف ڪرائي رهي آهي.
Di Space ۾ روبوٽن جو عملي مظاهرو
BYD اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي Di Space شو روم ۾ هڪ انٽرايڪٽو نمائش دوران روبوٽ پيش ڪندي. اهي هيومنائيڊ روبوٽ صرف نمائش لاءِ نه، پر عملي طور ڪم ڪندڙ هوندا ۽ مهمان انهن سان سڌي ريت رابطو ڪري سگهندا.
2025ع ۾ خبرون سامهون آيون هيون ته BYD مصنوعي ذهانت (AI) ۽ هيومنائيڊ روبوٽڪس ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهي آهي. ڪمپني جي موجوده پيداوار کي ڏسندي، AI ڏانهن قدم وڌائڻ فطري ڳالهه سمجهي پئي وئي، ۽ ان ئي سبب ڪيترائي برقي گاڏيون ٺاهيندڙ ادارا به هاڻي هيومنائيڊ روبوٽڪس ڏانهن وڌي رهيا آهن.
هن وقت چين هن شعبي ۾ عالمي اڳواڻ بڻجي رهيو آهي، جتي دنيا جي ٽاپ پنجن ڪمپنين مان پنج ئي چيني آهن.
جون مهيني ۾ BYD جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر اسٽيلا لي تصديق ڪئي ته ڪمپني AI ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. چين ۾ هيومنائيڊ روبوٽڪس جي صنعت تيزي سان وڌڻ سبب BYD بابت اميدون وڌي ويون آهن ته اها پنهنجي بيٽري ٽيڪنالاجي، وڏي پيماني تي پيداوار ۽ آٽوموٽو مهارتن جي بنياد تي هن شعبي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي.

تبصرے بند ہیں۔