آمريڪا افغانستان مان هٿ ڪڍي ڇڏيا

واشنگٽن: آمريڪا طرفان افغانستان مان پنهنجي فوج ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ جيئن جيئن پرڏيهي فوجون ملڪ مان نڪري رهيون آهن، تيئن تيئن طالبان جي اڳڀرائي وڌندي پئي وڃي.
افغانستان مان پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ طالبان زور وٺي ويا آهن ۽ انهن طرفان ملڪ جي ڪيترن ئي حصن تي قبضو ڪيو ويو آهي، جيڪو افغان حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.
هاڻ آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته افغانين کي پنهنجي لاءِ پاڻ ئي وڙهڻو پوندو، افغان فوج انگ ۾ طالبان کان گهڻي وڌيڪ آهي پر ان کي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.
جو بائيڊن افغان سياسي قيادت کي به اپيل ڪئي آهي ته اهي ڀائيواري واري عمل جو مظاهرو ڪن، شايد هاڻ افغان اها ڳالهه سمجهي رهيا آهن ته کين اعليٰ سطح تي سياسي اتفاق راءِ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ افغانستان مان آمريڪي قيادت ۾ نيٽو فورسز جي نڪرڻ جي فيصلي جو به بچاءُ ڪيو.
واضح رهي ته هن وقت افغانستان ۾ رڳو اڍائي هزار آمريڪي فوجي موجود آهن، جڏهن ته ٻين نيٽو ملڪن جي فوج مڪمل طور نڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔