بليڪ ميلنگ جي الزام ۾ گرفتار ماڊل گرل جيل حوالي

لاهور: بليڪ ميلنگ ۽ ڀتو گهرڻ جي الزام ۾ گرفتار ماڊل گرل ۽ اداڪارا افرا خان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.
وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ ماڊل افرا خان کي گرفتار ڪيو هو.
پڌرائيءَ موجب ماڊل افرا خان هڪ بزنس مين کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گهري رهي هئي ۽ هوءَ بزنس مين کان 3 لک رپيا ڦٻائي چڪي هئي.
پوليس ڪيس داخل ڪري ماڊل کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو، جنهن ان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔