هٿن ۽ پيرن تي ڊوڙندڙ عورت رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

اوتاوا: دنيا ۾ مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا رهندا آهن جن مان ڊوڙ جو مقابلو به اهم مقام رکي ٿو جنهن ۾ ڪيترن ئي بهترين رانديگرن پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.
تنهن هوندي به ڪينيڊا جي هڪ عورت ڊوڙ جو انوکو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
38 سالن جي جولي ايم سي ڪينن 100 ميٽرن جو سفر هٿن ۽ پيرن تي ڊوڙندي 22 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
ڪينيڊا جي ميڊيا رپورٽ موجب جولي اهو رڪارڊ گريٽر ورنن ايٿليٽس پارڪ ۾ قائم ڪيو جتي هن چئني، هٿن ۽ پيرن تي ڊوڙندي 100 ميٽرن جو مفاصلو 22.99 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو جيڪو هن وقت گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾ شامل 25 سيڪنڊن کان گهٽ آهي.
رپورٽ موجب جولي 3 سالن جي عمر کان ان طريقي جي ڊوڙ جي پريڪٽس ڪندي پئي اچي، هن جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي عمر کانپوءِ ٽئين ٻار جي پيدائش کيس هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ڪري ڇڏيو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته عورت 2015 ۾ ورلڊ رڪارڊ قائم ڪرڻ واري جاپان جي ايٿليٽ ڪينيچي آئٽو مان متاثر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔