طالبان ڪابل ويجهو پهچي ويا، ڪيترن ئي علائقن تي قبضا

طالبان افغانستان جي اهم شهر پل خمري جو ڪنٽرول به حاصل ڪري ورتو ۽ طالبان گادي واري شهر ڪابل کان تقريبن 2 سئو ڪلو ميٽر پري رهجي ويا، مقامي عهديدارن جو چوڻ آهي ته طالبان گادي واري شهر ڪابل کان 140 ميل ڏور ڏکڻ ۾ اهم افغان شهر پل خمري تي قبضِو ڪري ورتو، جنهن سان طالبان کي ڪابل کي ڏکڻ ۽ اولهه سان ملائيندڙ اسٽريٽجڪ روڊ جنڪشن جو ڪنٽرول ملي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب طالبان 5 ڏينهن جي دوران صوبائي گادي وارن شهرن ي قبضو ڪري چڪا آهن، هن کان اڳ فاراهه، ايبڪ، قندوز، سرپل، تالقان، شبر غان، زرنج ڀي طالبان جي قبضي هيٺ اچي چڪا آهن جڏهن ته صوبي بدخشا جي گادي واري شهر فيض آباد ۾ به داخل ٿي ويا آهن، طالبان صو بي بلخ جي چوڌراي صوبن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو جنهن سان بلخ جي گادي واري شهر مزار شريف تي به حملي جو خدشو وڌي ويو، ميڊيا رپورٽس موجب افغان شهرين جو وڏو انگ گادي واري شهر جو رخ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا، ٻئي پاسي يورپي يونين جو عهديدار جو چوڻ آهي ته طالبان افغانستان جي 65 سيڪڙو علائقن تي قبضو ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔