آمريڪا پاڪستان بدران ڀارت کي اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻايو آهي ، هن جا مفاد مٽجي ويا آهن: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڀارت هن جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ان ڪري پاڪستان سان مختلف سلوڪ ڪيو پيو وڃي، غير ملڪي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا جي نظر ۾ پاڪستان هن جو افغانستان ۾ ڇڏيل 20 سالن جو گند صاف ڪرڻ لاءِ رهجي ويو آهي، عمران خان چيوآهي ته موجوده حالتن ۾ افغانستان جو سياسي حل نظر نه پيو اچي، ڇو ته طالبان جو چوڻ آهي ته جيستائين اشرف غني افغانستان جو صدر رهندو هو ان سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان کي افغان حڪومت سان ڳاليهون ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، ٽي چار مهينا اڳ اسلام آباد ۾ طالبان اڳواڻن سان ملاقات ۾ هنن کي قائل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هو ان لاءِ تيار نظر نه پيا اچن، هن چيو آهي ته سندس خيال آهي ته افغان حڪومت آمريڪا کي واپس افغانستان گهرائڻ چاهي ٿي، پر آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال رهي چڪو آهي، آمريڪا ٻيهر افغانستان آيو ته هو اهڙو ڇا ڪندو جو گذريل 20 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ آمريڪا کي ڪنهن به صورت ۾ فوجي اڏا نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔