شين جا اگهه، نفعو ۽ نقصان طئه ڪرڻ عدليه جي ذميواري نه آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : شين جا اگهه، نفعو ۽ نقصان طئه ڪرڻ عدليه جي ذميواري نه آهي، سپريم ڪورٽ شگر ملز کي ايڪس ملز ايڪسپورٽ اگهه تي کنڊ وڪرو ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، کنڊ جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي دوران اگهن جي مامر تي هاءِ ڪورٽس جي ڪارروائي اڻ لاڳاپيل حدن ۾ مداخلت قرارڏني وئي آھي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عدليه جي اڻ لاڳاپيل مامرن ۾ مداخلت شرمساري جو ڪارڻ بڻجندي آهي، سپريم ڪورٽ کنڊ اگهه ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ کي 15 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي هدايت، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته حڪومت ۽ شگر ملز مالڪ طئه ٿيل اگهه ۾ فرق تي ٻڌل رقم هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندا، ڪين ڪمشنرز کي کنڊ جي ذخيري ۽ وڪري جو رڪارڊ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔