ائين نٿو ٿي سگهي ته ماڻهن سان زيادتي ٿئي ۽ نيب خاموش رهي: نيب چيئرمين

لاھور: نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آھي تھ ڪرپشن خلاف ڪم ڪريون ته تنقيد ڪئي ويندي آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ماڻهن سان زيادتي ٿئي ۽ نيب خاموش رهي، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪيو، نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته نيب وٽ فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اسان رڳو ڪيسز داخل ڪندا آهيون، جيڪي سوسائٽيز پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيون هيون، اُنهن کي قانون جي تابطع ڪيو اٿئون، پلي بارگين جو نظريو رڳو پاڪستان نه، پر ٻين ملڪن ۾ به آهي، نيب قانون موجب پلي بارگين ڪندو آهي ۽ عدالت حتمي منظوري ڏيندي آهي، ڪنهن ريجن ۾ زبردستي پلي بارگين ثابت ٿئي ته سزا لاءِ تيار آهيون..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔