بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون ڪندڙ عقل جا انڌا آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون ڪندڙ عقل جا انڌا آهن، عمران خان کي تازو سئو سيڪڙو اعتماد جو ووٽ مليو هو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين قبول نٿي ڪري، ايندڙ چونڊن ۾ به اپوزيشن وارا ساڳي واويلا ڪندا، نواز شريف چئي ٿو ته سندس شريانيون سُڪڙجي رهيون آهن، نواز شريف ڏيهه واپس اچي عوام کي بيمارين بابت ٻڌائي، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران وفاقي گهرو وزير چيو ته ثبوت آهن ته افغان سفير جي ڌيءُ اغوا نه ٿئي، افغان وفد کي واقعي بابت مطمئن ڪري واپس اُماڻي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔