ڪراچي: مشهور ٽي وي اداڪارا دردانه بٽ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي : پاڪستان جي مشهور ٽي وي اداڪارا دردانه بٽ لاڏاڻو ڪري وئي آھي، ان سلسلي ۾ آرٽس ڪائونسل جي صدر پاران چيو ويو آھي تھ دردانه بٽ ٻن هفتن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، دردانه بٽ ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا هئي، اداڪارا دردانه بٽ جي ڪورونا رپورٽ به پازيٽو آئي هئي، اڄ ھوءَ لاڏاڻو ڪري وئي آھي، شوبز شخصيتن پاران دردانھ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي. اداڪارا دردانا پاڪستان جي مشھور ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪيو، 9 مئي 1938 ۾ لاھور ۾ پيدا ٿي. ھُن فلمن ۾ بھ ڪم ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔