هاري ڪارڊ اسڪيم مان سنڌ جي هارين کي ڪو فائدو نه ٿيندو: منظور وساڻ

ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هاري ڪنوينشن ۾ عمران خان خطاب دوران اهڙيون ڳالهيون ڪيون جن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته هاري ڪارڊ وسيلي هارين کي رليف فراهم ڪنداسين، هاري ڪنوينشن ۾ جيڪو وزير اعظم اڍائي لک ڪارڊ تقسيم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن ملڪ ۾ پنجويهه لک هاري رهن ٿا، هن وقت ڊي اي پي جي قيمت ڇهه هزار ٿي وئي آهي، ڊي اي پي جي هڪ ٻوري تي 24 سئو ٽيڪس هنيو پيو وڃي، هاري ڪارڊ اسڪيم مان هارين ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته 10 سيڪڙو هارين کي ڪارڊ ڏئي 90 سيڪڙو هارين کان ٽيڪس جي مد ۾ پيسا اوڳاڙيا پيا وڃن، عمران خان کي شايد بهتر نموني بريف نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته نواز سرڪار جي دور ۾ ڊي اي پي 36 سئو هئي جيڪا هاڻي 6هزار ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت ٽائين ڪپهه جو اگهه مقرر نه ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔