مهيني ۾ کير جا اگهه مقرر ڪري ٻڌايو، نه ته توهين عدالت ڪارروائي ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي هڪ مهيني ۾ کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي کيس لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز حسين عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي درخواستگذار چيو ته عدالت کير جا اگهه 94 روپيا مقرر ڪيا، پر ڊيري فارمرز، ريٽليرز ۽ دڪاندار 130 روپيا في ليٽر فروخت ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ڪمشنر ڪراجي جي وڪيل عدالت کي خاطري ڪرائي ته اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي کير جي قيمتن جو مسئلو حل ڪرائينداسين، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هڪ مهيني جي اندر کير اجا اگهه مقرر نه ڪيا ويا ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔