افغان حڪومت نيٺ طالبان کي اقتدار ۾ شرڪت جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪابل: افغان حڪومت ملڪ ۾ جاري ويڙهه کي روڪڻ لاءِ طالبان کي اقتدار ۾ شراڪت داري جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب دوحا ۾ جاري ٽرائيڪا پلس ڳالهين دوران ، افغان حڪومت جي نمائندن طالبان کي اقتدار ۾ شرڪت جي آڇ ڪئي ته جيئن ملڪ جي جاري ويڙهه کي ختم ڪري سگهجي، اي ايف پي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته هنن اها آڇ سڌو سنئون طالبان کي ناهي ڪئي پر ڳالهين ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر کي ڪئي، جنهن اها آڇ طالبان تائين پهچائي ڇڏي آهي، پر اڃان تائين طالبان جو ان حوالي سان ڪو موقف سامهون ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔