افغانستان ۾ امن جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون.اسلام آباد ۾ نيوز بريفنگ دوران شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان امن عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، دوحا ۾ ٿيندڙ امن معاملي ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ افغانستان بابت بريفنگ ٿي پر ان ۾ پاڪستان کي شرڪت جو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته ڀارت ان مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو، افغانستان بابت بريفنگ لاءِ ڀارت سان سيڪيورٽي ڪائونسل صدر طور رابطو ڪيو پر هاڪاري ردعمل نه ڏنو ويو، ڀارت اسان جي درخواست کي قبول نه ڪيو، ڀارت جو سلامتي ڪائونسل صدر طور اهڙيو رويو نٿو ٺهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔