ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس: جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ماها مبينا خودڪشي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته فريادي جي درخواست تي ڪيس ۾ جوابدارن طرفان شاهديون لڪائڻ، قتل جا ڪارڻ ۽ ٻيا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪرڻ تي عدالت ڪيس جي شاهدن کي 4 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو ۽ جاچ آفيسر کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔