سڀاڻي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويندو: سنڌ بار ڪائونسل

ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سڀاڻي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ھاء ڪورٽ بار جي صدر بيريسٽر صلاح الدين چيو ته اڄ عدالتن کي اگر خطرو آھي تہ اھو عدليہ جي اندران ئي آھي، صوبي جو سينيئر جج سنڌ ھاء ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ آھي، جوڊيشل ڪميشن چار سال پھريان جسٽس احمد علي شيخ کي چيف جسٽس لڳايو ھو، ھاڻ اھڙو ڇا ٿيو آھي جو ان کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نہ پيو ڪيو وڃي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پوليس وارن کي سيينارٽي بنيادن تي واپس ڪيو ويو، ٻين کاتن ۾ ميرٽ جي ڳالھ ڪئي ويندي آھي، اھا ميرٽ عدليہ پاڻ تي استعمال ڇو نہ پئي ڪري؟ انھي شخص کي ايڊھاڪ جج مقرر ڪيو پيو وڃي جنھن جي نالي چيو پيو وڃي تہ هن گھڻيون ججمنٽس ناھن ڏنيون. ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي چيو ته پوري سنڌ ۾ محرومين جو نعرو لڳي رھيو آھي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪو سنڌي جج ناھي ڇو؟ سڀاڻي واري جڊيشل ڪميشن جي ميٽنگ ڪينسل ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔