ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جسماني ۽ ذهني صحت جو خاص خيال رکيو وڃي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جسماني ۽ ذهني صحت جي حوالي سان خاص بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آزاد چر پر واري ڪيس جي ٻڌڻي، جنهن دوران عدالت چيو اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته درخواستگذار تي حڪومت پابنديون هنيون آهن، ٻڌايو وڃي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قانوني طور تي ڪنهن ڪنهن سان ملڻ جي اجازت آهي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عبدالقدير خان جي گهر ڀاتين سان ملاقاتن جي اجازت تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، حڪومت هن جي جسماني ۽ ذهني صحت جو خاص خيال رکي، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر قدير جا تمام گهڻا مسئلا حل ٿي ويا آهن، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديا ريمارڪس ڏنا ته ڊاڪٽر قدير محسن پاڪستان آهن، ڪنهن جي رضا مندي سان بنيادي حق ختم نٿا ٿين، ڊاڪٽر قدير کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ان جو خيال رکيووڃي، ان جا جيڪي حق آهن اهي هن کي ملڻ گهرجن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سيپٽمبرجي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔